ترڪيه ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 25 سيپٽمبر تائين طلب

اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ترڪيه ۾ 6 کان 9 جنوري تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ڪارپيٽ اينڊ فلورنگ ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ 25 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ۾ ڪارپٽ ۽ فلور ڪوورنگ سان واڳيل پاڪستاني ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان …

اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ترڪيه ۾ 6 کان 9 جنوري تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ڪارپيٽ اينڊ فلورنگ ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ 25 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ۾ ڪارپٽ ۽ فلور ڪوورنگ سان واڳيل پاڪستاني ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.