اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي اعليٰ تعليمي نظام ۾ هنرمندي، جدت، ٽيڪنالاجي ۽ روزگار جي قابل بڻائڻ واري تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته تعليمي سندون نوجوانن لاءِ بامعنيٰ معاشي موقعن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب پاڪستان چائنا فرينڊشپ سينٽر اسلام آباد ۾ بيڪن هائوس انٽرنيشنل ڪاليج جي ڪانووڪيشن تقريب کي …
تعليمي سندون نوجوانن لاءِ بامعنيٰ معاشي موقعن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجن: سيد يوسف رضا گيلاني
مزید خبریں
اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي اعليٰ تعليمي نظام ۾ هنرمندي، جدت، ٽيڪنالاجي ۽ روزگار جي قابل بڻائڻ واري تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته تعليمي سندون نوجوانن لاءِ بامعنيٰ معاشي موقعن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب پاڪستان چائنا فرينڊشپ سينٽر اسلام آباد ۾ بيڪن هائوس انٽرنيشنل ڪاليج جي ڪانووڪيشن تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي هٿي وٺندڙ اعليٰ تعليمي شعبي کي هاڻي اهو اهم چئلينج درپيش آهي ته نوجوان گريجوئيٽس کي تيزي سان بدلجندڙ معيشت ۽ عالمي نوڪرين جي گهُرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ضروري علمي، عملي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊگري مستقبل جو بنياد آهي، منزل نه. هن گريجوئيٽ ٿيل شاگردن تي زورڀريو ته هو مسلسل سکڻ جي عمل کي جاري رکن، ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ تيز رفتار تبديلين سان گڏ پاڻ کي هم آهنگ ڪن ۽ وڌندڙ مقابلي واري دنيا ۾ ڪاميابي لاءِ عملي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي هٿي ڏين. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ عالمي رابطن ۾ تيز رفتار ترقي ڪم جي نوعيت ۽ مستقبل جي روزگار جي گهُرجن کي بنيادي طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن زور ڀريو ته پاڪستان کي پنهنجي نوجوانن کي نه رڳو روزگار ڳولڻ لاءِ پر ڪاروباري ماڻهو، جدت پسند، محقق ۽ نوان موقعا پيدا ڪندڙ بڻجڻ لاءِ پڻ تيار ڪرڻو پوندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي جيڪو ملڪ لاءِ هڪ عظيم قومي اثاثو آهي. هن چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ معياري تعليم، هنرمندي کي هٿي ڏيڻ، تحقيق، ڪاروباري سرگرمين ۽ جدت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ضروري آهي. هن معياري تعليم تائين پهچ کي وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ۽ چيو ته نوجوانن کي سکڻ ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا انهن جي سماجي ۽ اقتصادي پس منظر کان سواءِ دستياب هجڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ هن معاشري جي گهٽ سهولت يافته طبقن تائين تعليمي موقعا پهچائڻ لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. سينيٽ چيئرمين گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن، انهن جي والدين ۽ خاندانن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته انهن جي ڪاميابي انهن جي زندگين ۾ هڪ نئين مرحلي، نئين ذميوارين ۽ نوان موقعن جي شروعات آهي. هن گريجوئيٽس تي زور ڀريو ته اهي پيشيوراڻي صلاحيتن سان گڏ ايمانداري ۽ سماجي ذميواري کي به پنهنجي زندگي جو حصو بڻائين ۽ پنهنجي علمي صلاحيتن ۽ عالمي تجربن کي پاڪستان جي ترقي لاءِ استعمال ڪن. هن چيو ته دنيا ۾ اعليٰ تعليم ۽ پيشيوراڻي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ پاڪستاني گريجوئيٽس پاڪستان ۽ عالمي برادري وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ تعاون، سيڙپڪاري، علمي ۽ فني مٽاسٽا ۽ جدت لاءِ نوان رستا هموار ڪري سگهن ٿا. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گريجوئيٽس کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي تعليمي سفر کي اعتماد، مقصد ۽ عزم سان اڳتي وڌائيندا ۽ معاشري ۽ ملڪ جي ترقي ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندا.










