راولپنڊي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نائين گڏيل فوجي مشقون دروزبا 9 ۽ پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ ٻين گڏيل مشقن ۽ شق الجبل 2 (مائونٽين لنڪس II) جي باقاعده شروعات ٿي وئي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب پاڪ روس مشقون چراٽ، جڏهن ته پاڪ عمان گڏيل مشقون نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ …
پاڪ روس گڏيل مشقون دروزبا 9- ۽ پاڪ عمان مشقون ۽ شق الجبل 2- شروع ٿي ويون: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نائين گڏيل فوجي مشقون دروزبا 9 ۽ پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ ٻين گڏيل مشقن ۽ شق الجبل 2 (مائونٽين لنڪس II) جي باقاعده شروعات ٿي وئي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب پاڪ روس مشقون چراٽ، جڏهن ته پاڪ عمان گڏيل مشقون نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ شروع ٿيون. ٻن هفتن تائين جاري رهندڙ انهن گهڻ ملڪي مشقن ۾ پاڪ فوج، روسي فوج ۽ رائل آرمي آف عمان جا خصوصي جٿا شريڪ آهن. مشقن جو بنيادي مقصد فيلڊ ۽ آپريشنل تجربن جي گڏيل مٽاسٽا، دهشتگردي جي روڪٿام واري پيشيوراڻي ڊرلز ۽ طريقيڪار کي وڌيڪ نکارڻ ۽ گڏيل هم آهنگي ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گڏيل تربيت ۽ پيشيوراڻي مهارتن جي مٽاسٽا سان شريڪ فوج پنهنجي جنگي ۽ فني صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي جنهن سان دوست ملڪن سان پاڪستان جي ٻطرفي دفاعي لاڳاپن کي نئين سگهه ملندي.








