پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس ۾ 248.92 پوائنٽس جي اضافي سان 171402.08 پوائنٽس تي بند

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 248.92 پوائنٽس جي اضافي سان 171402.08 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن دوران مجموعي طور تي 571 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 224 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 221 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 124 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن …

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 248.92 پوائنٽس جي اضافي سان 171402.08 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن دوران مجموعي طور تي 571 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 224 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 221 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 124 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام رهيون. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 641.30 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي ماليت 18.46 ارب رپيا رهي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 99.59 پوائنٽس جي اضافي سان 50998.57 پوائنٽس، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 899.52 پوائنٽس جي اضافي سان 244665.18 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 17.48 ارب رپيا ماليت جا سودا طئي ٿيا. ڪاروباري سرگرمين جي لحاظ سان سرفهرست ڪمپنين ۾ تصديق انفارميشن سروسز لميٽيڊ جي 133.18 ملين، ميڊيا ٽائمنر لميٽيڊ جي 72.72 ملين ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام لميٽيڊ جي 48.57 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ان کانسواءِ سڪورٽ انويسٽمنٽ بئنڪ لميٽيڊ، ايل ايس اي سپيس ون لميٽيڊ ۽ آمريلي اسٽيل لميٽيڊ نمايان ايڊوانسر ڪمپنين ۾ شامل رهيون.