فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان فرانس جي دفاع ۽ سلامتي بابت سيڪريٽري جنرل جي جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات، دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

راولپنڊي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس جي دفاع ۽ سلامتي بابت سيڪريٽري جنرل نڪولس روچي پاڪستان ۾ مقرر فرانسيسي سفير زان نول پوئري سان گڏجي جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن، خطي جي مجموعي …

راولپنڊي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس جي دفاع ۽ سلامتي بابت سيڪريٽري جنرل نڪولس روچي پاڪستان ۾ مقرر فرانسيسي سفير زان نول پوئري سان گڏجي جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن، خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال، دفاع ۽ سلامتي جي شبعن ۾ ٻطرفي تعان کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير فرانس سان ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ، دفاعي ۽ سيڪيورٽي حصيداري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. فرانسيسي وفد جي سربراهه نڪولس روچي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن ۽ ڪردار کي ساراهيو جڏهن ته هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان حصيداري واري عمل کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي فرانسيسي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.