اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) قانونسازي معاملن بابت ڪابينا ڪميٽي پاڪستان آئل رولز 2016ع ۾ ترميم، اوگرا آرڊيننس 2002ع جي سيڪشن 30 ۾ ترميم ۽ اوگرا ۾ ميمبر لا جي شموليت بابت ترميم جي مسودن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ قانونسازي معاملن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل وزارتن، …
سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس، ڪيترن ئي قانونسازي بابت مسودن جي منظوري ڏني

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) قانونسازي معاملن بابت ڪابينا ڪميٽي پاڪستان آئل رولز 2016ع ۾ ترميم، اوگرا آرڊيننس 2002ع جي سيڪشن 30 ۾ ترميم ۽ اوگرا ۾ ميمبر لا جي شموليت بابت ترميم جي مسودن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ قانونسازي معاملن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل وزارتن، کاتن ۽ ڊويزنن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف قانونسازي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي قانونسازي بابت مسودن جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا ڪميٽي پاڪستان آئل رولز 2016ع ۾ ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني، جڏهن ته اوگرا آرڊيننس 2002ع جي سيڪشن 30 ۾ ترميم ۽ اوگرا ۾ ميمبر لا جي شموليت بابت ترميم جو مسودو به منظور ڪري ورتو. ڪميٽي پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري ايوارڊنگ ادارو بڻائڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني. اجلاس ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس آرڊيننس 1979ع جي رد ٿيڻ بابت بل جي مسودي جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته وفاقي فلڊ ڪميشن جي بحالي ۽ سڌارن بابت مسودو بل 2026ع به منظور ڪري ورتو.








