ڪوئيٽا- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن شعبان 2 تحت دهشتگردن خلاف موثر ۽ فيصلائتيون ڪارروايون ڪندي فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي بلوچستان جي علائقي ساران تنگي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪامياب آپريشن ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪارروائي دوران 9 …
آپريشن شعبان 2 تحت سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي، فتنه الهندستان جا 6 دهشتگرد مارجي ويا، 9 شڪي ماڻهو گرفتار

مزید خبریں
ڪوئيٽا- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن شعبان 2 تحت دهشتگردن خلاف موثر ۽ فيصلائتيون ڪارروايون ڪندي فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي بلوچستان جي علائقي ساران تنگي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪامياب آپريشن ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪارروائي دوران 9 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي مڪمل خاتمي لاءِ آپريشن بنا رنڊڪ جي جاري آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکيون وينديون.








