سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي، في تولو 4 لک 55 هزار 736 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 55 هزار 736 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 55 هزار 7 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1543 رپين جي گهٽتائي …

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 55 هزار 736 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 55 هزار 7 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1543 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 92 هزار 263 رپين مان گهٽجي 3 لک 90 هزار 720 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 59 هزار 587 رپين مان گهٽجي 3 لک 58 هزار 173 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 62 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 7138 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 54 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6033 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4350 ڊالرز مان گهٽجي 4332 ڊالرز ٿي وئي.