اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪفايت شعاري قدمن تحت ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي ۾ مالي نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ ۽ غير ضروري خرچن ۾ فوري گهٽتائي لاءِ اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، انهن قدمن جو مقصد دستياب سرڪاري وسيلن جو موثر ۽ منصفاڻو استعمال يقيني بڻائڻ آهي. ريلوي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ريلوي واري وفاقي وزير محمد …
وزيراعظم جا ڪفايت شعاري قدم: ريلوي واري وزارت ۾ فيول ڪوٽا ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي، هائوس بلڊنگ ايڊوانس ۽ پرڏيهي دورن تي پابندي لاڳو

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪفايت شعاري قدمن تحت ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي ۾ مالي نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ ۽ غير ضروري خرچن ۾ فوري گهٽتائي لاءِ اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، انهن قدمن جو مقصد دستياب سرڪاري وسيلن جو موثر ۽ منصفاڻو استعمال يقيني بڻائڻ آهي. ريلوي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي ۾ 31 ڊسمبر 2026ع تائين هائوس بلڊنگ ايڊوانس قرض جاري ڪرڻ کي مڪمل طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان مدي دوران ڪنهن به آفيسر يا ملازم کي هي ايڊوانس جاري نه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ريلوي واري وزير پنهنجي ذاتي سرڪاري فيول سميت کاتي جي سمورن آفيسرن جي فيول ڪوٽا ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي، گڏ ئي پاڻ سميت ريلوي جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جي غير ضروري سرڪاري پرڏيهي دورن تي به فوري پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ريلوي واري وزير محمد حنيف عباسي جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي ڪفايت شعاري پاليسي تي فوري ۽ سخت عمل شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن قومي وسيلن جي بچت ممڪن ٿي سگهي ۽ سمورن سطحن تي غير ضروري خرچن جي مڪمل روڪٿام ڪري سگهجي.









