گليشيئرز جي نگراني، موسمياتي ڊيٽا، ارلي وارننگ سسٽم، سيٽلائيٽ معلومات ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ بابت سمورن قومي ادارن وچ ۾ موثر رابطا ۽ ڊيٽا شيئرنگ ضروري آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي خطرن کي وقت سر منهن ڏيڻ لاءِ گليشيئرز جي نگراني، موسمياتي ڊيٽا، ارلي وارننگ سسٽم، سيٽلائيٽ معلومات ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ بابت سمورن قومي ادارن وچ ۾ موثر رابطو ۽ ڊيٽا شيئرنگ ضروري آهي. هو اڱاري ڏينهن سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي موسمياتي تبديلي ۽ …

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي خطرن کي وقت سر منهن ڏيڻ لاءِ گليشيئرز جي نگراني، موسمياتي ڊيٽا، ارلي وارننگ سسٽم، سيٽلائيٽ معلومات ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ بابت سمورن قومي ادارن وچ ۾ موثر رابطو ۽ ڊيٽا شيئرنگ ضروري آهي. هو اڱاري ڏينهن سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ گڏيل نظام تحت آڻڻ لاءِ وزيراعظم، دفاع واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته حڪومت هڪ اهڙي نظام تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن تحت لاڳاپيل ادارا هڪٻئي کان ڊيٽا طلب ڪرڻ بدران قانون ۽ پاڻمرادو طريقي سان معلومات شيئر ڪن. وفاقي وزير ٻڌايو ته مختلف ادارن وچ ۾ ڊيٽا جي مٽاسٽا لاءِ هڪ ورچول پليٽ فارم به قائم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گليشيئرز ۽ پاڻي جي نظام بابت معاملا آءِ وسيلن واري وزارت جي دائري ڪار ۾ اچن ٿا جڏهن ته برف ۽ گليشيئر پگهرجڻ جي نگراني جا اوزار واپڊا وٽ آهن. ارلي وارننگ سسٽم دفاع واري وزارت، سيٽلائيٽ ڊيٽا اسپارڪو جڏهن ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ بابت معاملا نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) وٽ آهن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سول يا دفاعي نوعيت جي سيٽلائيٽ ڊيٽا اسپارڪو وٽ موجود آهي، جڏهن ته قدرتي آفتن بابت ڊيٽا اين ڊي ايم اي وٽ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سمورن نظامن کي مربوط ڪيو وڃي ته ملڪ کي وقت سر ۽ جامع معلومات دستياب ٿئي. هن ٻڌايو ته موسم بابت سول معاملن لاءِ هڪ نئين اٿارٽي جي قيام تي به ڪم جاري آهي جيڪا موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطاڪاري جي ٿنڪ ٽينڪ طور به ڪم ڪندي. هن چيو ته ان حوالي سان تجويزن کي جلد حتمي شڪل ڏئي وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته گليشيئر ۽ ٻوڏ ٻه مختلف مظاهر آهن ۽ ٻنهي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف حڪمت عملي گهربل آهي، هن چيو ته ڊيم ٻوڏ جي پاڻي کي روڪي سگهن ٿا پر گليشيئرز کي نٿا روڪي سگهن، هن چيو ته گليشيئر بابت تباهي رڳو پاڻي سبب ناهي هوندي پر زمين ۽ جابلو ڍانچي جي حرڪت به ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، حڪومت موسمياتي ۽ گليشيئر بابت خطرن جي بهتر نگراني ۽ اڳواٽ اطلاع لاءِ ڊجيٽل ٽوئننگ جي نظام تي به ڪم ڪري رهي آهي. موسمياتي ڊيٽا لاءِ ڊجيٽل ليب قائم ڪرڻ به ضروري آهي. اجلاس کي عملدارن طرفان ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ 115 خطرناڪ گليشيائي ڍنڍون موجود آهن جن مان 105 ڍنڍون 5 آگسٽ تائين ان فريز ٿي چڪيون هيون، پاڪستان ۾ گليشيئر پگهرجڻ جي شرح بابت مڪمل ڊيٽا موجود ناهي ڇاڪاڻ ته ان نوعيت جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ هڪ مهانگو عمل آهي، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته 1990ع جي ڏهاڪي ۾ قراقرم هاءِ وي جي علائقي ۾ گليشيئر ايريا لاس 3.2 سيڪڙو هو جيڪو 2010ع کان 2020 دوران وڌي 4.9 سيڪڙو ٿي ويو، جڏهن ته 1990ع کان 2020ع دوران قراقرم جي گليشيئرز جي ايراضي ۾ اٽڪل 12 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته خطي ۾ اٽڪل 9 سيڪڙو گليشيئرز ختم ٿي رهيا آهن. اجلاس ۾ گرين پاڪستان پروگرام ۽ ملڪ ۾ ٻيلن جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. سينيٽر شيري رحمان ملڪ ۾ ٻيلن جي واڍي ۽ مبينه ٽمبر اسمگلنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ ٻيلن جي واڍي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته گرين پروگرامز تي هڪ طرف وسيلا خرچ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ٻئي طرف ٻيلن جي واڍي ۽ غير قانوني ٽمبر جي چرپر جا الزام سامهون اچي رهيا آهن، ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ موثر رابطن جي ضرورت آهي.