اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال نوجوانن جي ذهانت، صلاحيتن ۽ عملي تجربن مان فائدو کڻندي پاڪستان کي درپيش قومي چئلينجز جو عمل جوڳو حل ڳولڻ لاءِ يوٿ آئيڊييش ليب جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته يوٿ آئيڊييش ليب جو مقصد نوجوانن کي رڳو شڪايت ڪرڻ دوران مسئلن جي نشاندهي ۽ …
روزانو زندگي ۾ مسئلن کي منهن ڏيندڙ نوجوان اڪثر انهن مسئلن جي عملي حل جي بهتر نشاندهي ڪري سگهن ٿا: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال نوجوانن جي ذهانت، صلاحيتن ۽ عملي تجربن مان فائدو کڻندي پاڪستان کي درپيش قومي چئلينجز جو عمل جوڳو حل ڳولڻ لاءِ يوٿ آئيڊييش ليب جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته يوٿ آئيڊييش ليب جو مقصد نوجوانن کي رڳو شڪايت ڪرڻ دوران مسئلن جي نشاندهي ۽ ان جي عملي حل تجويز ڪندڙ فعال ڪردار ۾ تبديل ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان صرف شڪايت ڪري مسئلو حل نٿا ڪري سگهون، اسان کي پاڻ ان کي حل ڪرڻو پوندو، نوجوانن کي مسئلن جو حصو بڻجڻ بدران ان جي حل جو حصو بڻجڻو پوندو. احسن اقبال چيو ته رٿابندي واري وزارت جي بنيادي ذميواري ملڪ جي مستقبل جي رٿابندي ۽ ترقياتي پروگرامن جي تياري آهي، جڏهن ته انهن پروگرامن جي موثريت جو دارومدار ان نسل جي شموليت ۽ ملڪيت تي آهي، جيڪي انهن فيصلن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ملڪ جا نوجوان آهن ڇاڪاڻ ته سندن مستقبل آهي جيڪو داءَ تي لڳل آهي، نوجوانن کي ملڪ جي ترقياتي بيانيي ۽ رٿابندي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي راين ۽ خواهشن کي مناسب اهميت ڏيڻ ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته يوٿ آئيڊييش ليب نوجوانن جي ذهانت ۽ صلاحيتن کي گڏ ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ڪجهه ڏکين مسئلن جي عملي حل لاءِ عمل جوڳا خيال پيدا ڪرڻ جو پليٽ فارم فراهم ڪندي. شرڪت ڪندڙن کي رڳو ليڪچرز ٻڌڻ يا سيٽون ڀرڻ لاءِ دعوت ناهي ڏني وئي پر کين ملڪ کي درپيش مسئلن تي پنهنجا رايا پيش ڪرڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جو موقعو ڏنو ويندو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته روزانو زندگي ۾ مختلف مسئلن کي منهن ڏيندڙ نوجوان اڪثر انهن مسئلن جي عملي حل جي بهتر نشاندهي ڪري سگهن ٿا. يوٿ آئيڊييشن ليب کين پنهنجن تجربن ۽ خيالن کي قومي ترقي ۾ تعميري ڪردار ۾ بدلائڻ جو موقعو فراهم ڪندي. هن چيو ته حڪومت پهريان ئي نوجوانن کي ترقياتي معاملن ۾ مباحثي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪري چڪي آهي، جن ۾ ينگ ڊولپمينٽ فيلوز پروگرام ۽ يونيورسٽين ۾ ينگ پيس اينڊ ڊولپمينٽ ڪورس شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي پاڪستان جو مستقبل تعمير ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ کين تعميري بحث ۽ ڳالهين جو حصو بڻجڻو پوندو.









