اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مالديپ جي پارلياماني اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله جي سربراهي ۾ وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن، گڏيل تعاون ۽ پارلياماني سفارتڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن پارلياماني سفارتڪاري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان مالديپ جي پارلياماني اسپيڪر جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات، گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مالديپ جي پارلياماني اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله جي سربراهي ۾ وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن، گڏيل تعاون ۽ پارلياماني سفارتڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن پارلياماني سفارتڪاري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مالديپ جي پارلياماني وفد جو دورو ٻنهي ملڪن جي قانونساز ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪندو. پاڪستان مالديپ سان پنهنجي پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. پاڪ- مالديپ پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسپيڪر وفد کي قومي اسيمبلي جي اهم پارلياماني قدمن کان آگاهه ڪيو، قومي اسيمبلي ۾ ينگ پارلياماني فورمز، ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ، ويمن پارلياماني ڪاڪس ۽ چائلڊ رائيٽس ڪاڪس فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ جينڊر مين اسٽريمنگ ۽ ٻين پارلياماني سڌارن ذريعي جامع قانونون سازي کي هٿي ڏني پئي وڃي. مالديپ جي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خيرسگالي وارن جذبن کي ساراهيو ۽ ڪيپ ٽائون ۾ سردار اياز صادق طرفان تعاون تي سندس ٿورو مڃيو. هن چيو ته مالديپ پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. مالديپ جي اسپيڪر پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو.









