قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران صحافي نذير چارن جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پارلياماني رپورٽر، سنڌ ٽي وي جي بيورو چيف ۽ نيشنل پريس ڪلب جي اڳوڻي نائب صدر نذير چارن جي وڏي ڀاءُ نثار چارن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سردار اياز صادق، نذير چارن سان سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو …

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پارلياماني رپورٽر، سنڌ ٽي وي جي بيورو چيف ۽ نيشنل پريس ڪلب جي اڳوڻي نائب صدر نذير چارن جي وڏي ڀاءُ نثار چارن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سردار اياز صادق، نذير چارن سان سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پنهنجي ويجهي ماڻهو جو وڇوڙو هڪ ناقابل تلافي صدمو آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ هو نذير چارن ۽ سندس گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، الله تعاليٰ کان مرحوم نثار چارن جي درجن جي بلندي ۽ نذير چارن سميت ٻين سوڳوار گهرڀاتين کي اهو ناقابل تلافي نقصان برادشت ڪرڻ لاءِ صبر عطافرمائڻ جي دعا به ڪئي.