سنڌ حڪومت خصوصي ٻارن جي تعليم، بحالي ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کڻي رھي آھي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت خصوصي ٻارن جي تعليم، بحالي ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کڻي رھي آھي، صوبي جي 67 خصوصي تعليمي ادارن ۾ 20 ھزار جي لڳ ڀڳ شاگرد علم پرائي رھيا آھن، خصوصي تعليمي ادارن ۾ مفت تعليم سان گڏ بحالي، فزيو ٿراپي، …

ڪراچي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت خصوصي ٻارن جي تعليم، بحالي ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کڻي رھي آھي، صوبي جي 67 خصوصي تعليمي ادارن ۾ 20 ھزار جي لڳ ڀڳ شاگرد علم پرائي رھيا آھن، خصوصي تعليمي ادارن ۾ مفت تعليم سان گڏ بحالي، فزيو ٿراپي، اسپيچ ٿراپي، ٽرانسپورٽ سان گڏ ماھوار 3 ھزار رپيا وظيفو ڏنو پيو وڃي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته خصوصي ٻارن لاءِ 37 اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريھيبلٽيشن سينٽرز ۾ 49 جديد ڊجيٽل ڪلاس رومز جو قيام ھڪ اھم اڳڀرائي آھي، ڊجيٽل ڪلاس رومز ۾ ٻڌڻ کان محروم 754 شاگردن کي فائدو پھچندو. سڄي سنڌ ۾ قائم ڪيل 20 سيٽلائيٽ اسڪولن ذريعي 476 اھڙن ٻارن کي تعليمي موقعا ملي سگھندا، جن کي خصوصي تعليم جي سھولتن تائين پهچ ۾ ڏکيائين کي منھن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڊجيٽل ڪلاس رومز ۾ اسمارٽ بورڊ، اي لرننگ ٽولز ۽ جديد تعليمي سھولتون ڏنيون ويون آھن، حڪومتي قدمن سان خصوصي ٻارن لاءِ جديد تدريسي وسيلن تائين رسائي ۾ اضافو ٿيندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 20 سيٽلائيٽ اسڪولن جو مقصد تعليم کي اُنھن علائقن پھچائڻ آھي جتي خصوصي ٻارن جي خصوصي تعليمي ادارن تائين پھچ محدود آھي، حڪومت پاران سائن لينگويج ٽيچرز ٽريننگ پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آھي، جنھن سان استادن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، ڊجيٽل ڪلاس رومز، سيٽلائيٽ اسڪول ۽ سائن لينگويج ٽيچرز ٽريننگ پروگرام کي وسعت ڏيڻ حڪومت اوليتن ۾ شامل آھي.