صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران ضلعي سينٽرل ۾ هفتيوار صفائي مهم جو افتتاح

ڪراچي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ضلعي سينٽرل ۾ هفتيوار صفائي مهم جو افتتاح ڪيو آهي. ان موقعي تي ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ فواد غفار سومرو سميت ڊپٽي ڪمشنر ضلع سينٽرل طحه سليم، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آپريشن احسن رضا، ترجمان سنڌ حڪومت سعديه جاويد، گينزوو ڪمپني جي سي اي او خديجه، ڊائريڪٽر ضلع سينٽرل ارشاد آرائين، ميڊيا …

ڪراچي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ضلعي سينٽرل ۾ هفتيوار صفائي مهم جو افتتاح ڪيو آهي. ان موقعي تي ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ فواد غفار سومرو سميت ڊپٽي ڪمشنر ضلع سينٽرل طحه سليم، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آپريشن احسن رضا، ترجمان سنڌ حڪومت سعديه جاويد، گينزوو ڪمپني جي سي اي او خديجه، ڊائريڪٽر ضلع سينٽرل ارشاد آرائين، ميڊيا نمائندن ۽ معزز شهرين جو وڏو انگ موجود هو. صوبائي وزير ضلعي سينٽرل ۾ صفائي مهم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو نظام لاڳو ٿيڻ کانپوءِ صفائي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته صفائي هڪ مسلسل عمل آهي، هفتيوار صفائي مهم جو مقصد سمورن ادارن کي آن بورڊ وٺي صفائي جا انتظام وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ فواد غفار سومرو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ضلعي سينٽرل کانپوءِ ترتيبوار سمورن ضلعن ۾ صفائي مهم شروع ڪئي ويندي. صوبائي وزير صفائي ڪندڙ ملازمن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته ”توهان کي جيڪو شهر صاف نظر اچي ٿو، اهو سڀ انهن جي محنت جو نتيجو آهي.“ هن چيو ته مون ايم ڊي سالڊ ويسٽ ۽ ڪمپني کي هدايت ڪئي آهي ته صفائي ڪندڙ ملازمن کي سرڪار پاران مقرر ڪيل اجرت مطابق پگهارون ڏنيون وڃن ۽ کين جيڪي به سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون اهي فراهم ڪيون وڃن. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته”گرين ڪراچي، صاف ڪراچي“ مهم تي ڌيان ڏنو وڃي. ميڊيا پڻ سهڪار ڪري ۽ شهرين کي شڪايتن لاءِ 1128 نمبر ۽ شهر کي صاف رکڻ بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي. ان موقعي تي ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ فواد غفار سومرو ٻڌايو ته صفائي مهم دوران 502 گاڏيون ۽ مختلف مشينري استعمال ڪئي ويندي. انهن ۾ 390 ٿري ويلر، 30 ننڍا ۽ وڏا ڊمپر، 10 ننڍا لوڊر ۽ 16 ڪمپيڪٽر شامل آهن، جڏهن ته 1700 صفائي ڪندڙ ملازم ۽ ٻيو عملو صفائي جا معاملا سرانجام ڏيندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هر ضلعي ۾ ترتيبوار صفائي مهم شروع ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن کي آن بورڊ ورتو ويو آهي، جيئن جنهن علائقي ۾ جنهن اداري سان لاڳاپيل ڪو مسئلو هجي، ان کي وقت سر حل ڪري سگهجي.