صدر پاران قلات ۾ دهشتگردن پاران هاءِ وي تي شهرين جي چرپر ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي قلات ۾ دهشتگردن پاران هاءِ وي تي شهرين جي چرپر ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر وقت سر اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي …

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي قلات ۾ دهشتگردن پاران هاءِ وي تي شهرين جي چرپر ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر وقت سر اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪاڪردگي جي تعريف ڪئي. صدر مملڪت دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان اغوام ٿيل ماڻهن کي حفاظت سان بازياب ڪرائڻ، ٽرڪون، بسون ۽ گاڏيون هٿ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم دهشتگردن خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.