وزيراعظم پاران قلات ويجهو دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ويجهو نيشنل هاءِ وي( اين - 25) تي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر اثرائتي ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو، جڏهن ته اغوا ڪيل 23 ماڻهن کي حفاظت سان …

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ويجهو نيشنل هاءِ وي( اين – 25) تي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر اثرائتي ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو، جڏهن ته اغوا ڪيل 23 ماڻهن کي حفاظت سان بازياب ڪرايو، اها ڪارروائي واکاڻ جوڳي آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن پاران قومي شاهراه تي عوام جي اچ وڃ کي متاثر ڪرڻ، ڀُنگ لاءِ اغوا ڪرڻ، ڀَتو وٺڻ ۽ گاڏيون ڦرڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايو. دهشتگردن جي قبضي مان 6 ٽرڪون، 3 بسون ۽ 2 گاڏيون پڻ هٿ ڪيون آهن، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ هٿيار، ڌماڪيڌار مادو پڻ هٿ آيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي فورسز جي پيشوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته آپريشن عزم استحڪام تحت دهشتگردي خلاف فيصلائتيون ڪارروايون جاري رهنديون ۽ پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتموڪيو ويندو.