اسلام آباد - 20 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته مارچ، ڌرڻن ۽ هڙتالن سان معاشي ترقي جو سفر متاثر ٿي سگهي ٿو. معاشي سرگرمين ۾ رڪاوٽ سان قومي معيشت کي اربين روپين جي نقصان جو خدشو آهي. احتجاج ۽ ڌرڻن سان معيشت کي ڏهاڙي 120 ارب روپين جو نقصان ٿيندو، پائيدار معاشي استحڪام جي حاصلات لاءِ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، …
احتجاج، ڌرڻا ۽ هڙتالون مسئلن جو حل ناهن، ڳالهين جو رستو ئي سڀ کان بهتر ۽ مناسب آهي: وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته مارچ، ڌرڻن ۽ هڙتالن سان معاشي ترقي جو سفر متاثر ٿي سگهي ٿو. معاشي سرگرمين ۾ رڪاوٽ سان قومي معيشت کي اربين روپين جي نقصان جو خدشو آهي. احتجاج ۽ ڌرڻن سان معيشت کي ڏهاڙي 120 ارب روپين جو نقصان ٿيندو، پائيدار معاشي استحڪام جي حاصلات لاءِ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، اسان معاشي استحڪام سان معاشي ترقي طرف گامزن آهيون. مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ملڪ جي بلند ترين سطح تائين پهچي چڪا آهن، مالياتي خساري ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، خرچن کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس آهي، پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ مسلسل واڌ جو رجحان آهي، روانگي واپار جو شعبو به صحيح رخ ۾ گامزن آهي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جي تعداد ۾ واڌ ٿي آهي، بدقسمتي سان وچ اوڀر جي صورتحال سبب سڀ متاثر ٿي رهيا آهن، اميد آهي ته معاشي ترقي جي سفر ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، احتجاج، ڌرڻا ۽ هڙتالون مسئلن جو حل ناهن، ڳالهين جو رستو ئي سڀ کان بهتر ۽ مناسب آهي. اهڙو اظهار هن آچر ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مان اڄ ڪجهه حقيقتون عوام آڏو رکڻ چاهيان ٿو، گذريل هفتي ۾ اسان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 21.4 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا، قومي تاريخ ۾ مالياتي خسارو هاءِ سنگل ڊجيٽ سان 2.6 تي اچي چڪو آهي ۽ آمدني ۾ واڌ ٿي آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته اسان خرچ گهٽايون، ڪرنٽ اڪائونٽ جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته 14 سالن کان پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس آيو، گذريل سال اسان جو اڪائونٽ برابر هو. هن چيو ته اسان جي آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ مسلسل واڌ جو رجحان آهي. گذريل مالي سال ۾ 4.6 ارب ڊالر جو روانگي واپار ٿيو ۽ هن سال انشاء الله تعاليٰ وڌيڪ 5.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويندو. هن چيو ته مجموعي قومي روانگي واپار ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي هڪ سيڪڙو ويجهو آهي. اهڙي طرح اسان جي جي ڊي پي گروٿ ۾ گذريل سال 3.7 سيڪڙو جي گروٿ ٿي ۽ انشا الله تعاليٰ هن سال 4 سيڪڙو کان مٿي جي اميد آهي جنهن ۾ لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ جي شعبي جي ڪارڪردگي جو نمايان حصو آهي. هن چيو ته قومي روانگي واپار ۾ ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته هن وقت قومي معيشت صحيح رخ تي اڳيان وڌي رهي آهي. مينيوفيڪچرنگ کان علاوه بزنس انڊيڪس جا نمبر به وڌي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ انڊيڪيشن ڏٺو ويو ته اسان جا سرمائيدار وڌيا آهن، خاص ڪري نوجوانن جو انگ وڌيو آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ 11 آءِ پي اوز ٿيون جڏهن ته گذريل ٻن مهينن ۾ پنج ٿي چڪيون آهن. ان جو مطلب آهي ته ڪمپنيون پنهنجي بزنس کي واڌ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ ڪنديون. ان لاءِ هو ايڪويٽي کي ريز ڪري رهي آهي يا هو نوان يونٽس لڳائي رهيا آهن، اهي سمورا اهڃاڻ مثبت آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته انشا الله اسان جي معاشي ترقي جي سفر ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي. معاشي چئلينجز جي حوالي سان هن چيو ته ڪجهه مشڪلاتون آهن، وچ اوڀر جي تڪرار سان دنيا متاثر ٿي رهي آهي پر اسان جي وزيراعظم ۽ سي ڊي ايف جي پوري ڪوشش آهي ته اسلام آباد ايم او يو تي واپسي ممڪن ٿئي ۽ تڪرار جو خاتمو اچي سگهي.










