راولپنڊي- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز قلات ويجهو پاڪستان هاءِ وي (اين -25) تي دهشتگردن پاران اغوا، ڀَتي ۽ گاڏين کي ڦرڻ واري منصوبي کي وقت تي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائيندي فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ اغوا ڪيل 23 ڄڻن کي آزاد ڪرائڻ سميت ڦر ڪيل 11 گاڏيون ۽ وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا آهن. آءِ ايس پي موجب 18 ۽ 19 سيپٽمبر …
قلات، پاڪستان هاءِ وي تي سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي ۾ فتنه الهندستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا، اغوا ڪيل 23 ماڻهو آزاد

مزید خبریں
راولپنڊي- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز قلات ويجهو پاڪستان هاءِ وي (اين -25) تي دهشتگردن پاران اغوا، ڀَتي ۽ گاڏين کي ڦرڻ واري منصوبي کي وقت تي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائيندي فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ اغوا ڪيل 23 ڄڻن کي آزاد ڪرائڻ سميت ڦر ڪيل 11 گاڏيون ۽ وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا آهن. آءِ ايس پي موجب 18 ۽ 19 سيپٽمبر جي وچ واري رات فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن قلات ويجهو پاڪستان هاءِ وي چمن کان ڪراچي اين -25 ) تي ٽريفڪ جي پر امن اچ وڃ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڀُنگ لاءِ اغوا، ڀَتي ۽ گاڏين ڦرڻ لاءِ ناڪابندي پڻ ڪئي. سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي ڪارروائي ڪئي، دهشتگردن ۽ سيڪورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي شديد ڏي وٺ کانپوءِ فوج جي اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارت جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الهندستان جا پنج دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان اغوام ڪيل 23 ماڻهن کي آزاد ڪرايو، جڏهن ته وڏي تعدا ۾ ڌماڪيدار مادو، هٿيار، 6 ٽرڪون، 3 بسون ۽ ٻه ڪارون پڻ هٿ ڪيون. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪامياب آپريشن ڪندي ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الهندستان جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملايو. علائقي ۾ موجود ٻين امڪاني دهشتگردن جي خاتمي، مقامي آبادي جي تحفظ ۽ اهم قومي شاهراهه جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل عزم استحڪام تحت دهشتگردي خلاف بنا ڪنهن رنڊڪ جي مهم پوري طاقت ۽ عزم سان جاري رهندي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي فنڊنگ ۽ حمايت ذريعي ڦهلجندڙ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.









