اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آبا کان نيويارڪ لاءِ روانو ٿي ويو، جتي هو وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ 21 کان 25 سيپٽمبر تائين گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. آچر تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آبا کان نيويارڪ لاءِ روانو ٿي ويو، جتي هو وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ 21 کان 25 سيپٽمبر تائين گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. آچر تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم دوري دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جنهن دوران هو ڪشميرين کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جي حمايت کي اجاگر ڪندو. جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي هو او آءِ سي جي ڪيترن ئي وزارتي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪندو جن ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي سالياني رابطا اجلاس سان گڏوگڏ ٻين او آءِ سي جي رابطا گروپس جا اجلاس شامل آهن. فلسطين مسئلي لاءِ پاڪستان جي ڀرپورت عڪاسي طور پرڏيهي وزير فلسطين مسئلي تي ڪيترن ئي اعليٰ سطح جي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪندو، جن ۾ 8 عرب اسلامي ملڪن جي گروپ جي اجلاس سان گڏوگڏ ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي اتحاد جو اعليٰ سطح جو وزارتي اجلاس پڻ شامل آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مصنوعي ذهانت واري معاملي تي اعليٰ سطح جي بريفنگ دوران وبائي بيمارين جي روڪٿام. تياري ۽ رد عمل بابت اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ سميت خطاب پڻ ڪندو. هو اي سي او ڪائونسل آف منسٽرز جي اجلاس جي صدارت ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪيترن ئي ملڪن جي هم منصبن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. پنهنجي وسيع مصروفيتن دوران هو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن تي پڻ روشني وجهندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي چئلينجز تي ڳالهيون پڻ ڪندو.










