نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سي اسپارڪ 2026ع ۾ شريڪ اهلڪارن سان ملاقات ڪئي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف نشان امتياز (ملٽري)، تمغه بصالت، مشق سي اسپارڪ 2026ع جي جائزي لاءِ سمنڊ ۽ ڪريڪس جي علائقي ۾ مقرر يونٽس جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق پهرين سيپٽمبر کان جاري اها ٻن سالن جي مشق بحري آپريشنز سميت سمورن پهلوئن جو احاطو ڪري ٿي، جنهن ۾ آپريشنل تياري ۽ امن جي دور کان …

راولپنڊي- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف نشان امتياز (ملٽري)، تمغه بصالت، مشق سي اسپارڪ 2026ع جي جائزي لاءِ سمنڊ ۽ ڪريڪس جي علائقي ۾ مقرر يونٽس جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق پهرين سيپٽمبر کان جاري اها ٻن سالن جي مشق بحري آپريشنز سميت سمورن پهلوئن جو احاطو ڪري ٿي، جنهن ۾ آپريشنل تياري ۽ امن جي دور کان جنگي حالتن طرف فوري منتقلي جي صلاحيت کي پرکيو وڃي ٿو. جنگ جي بدلجندڙ نوعيت کي نظر ۾ رکندي، هن سال جي مشق ۾ انفارميشن انوائرنمنٽ ۾ آپريشنز، ملٽي ڊومين آپريشنز ۽ بنا پائليٽ جي هلندڙ نظامن جو وسيع پيماني تي استعمال به شامل ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه مشق ۾ شريڪ اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن پيشيوراڻي مهارت، بلند حوصلي، آپريشنل تياري ۽ سمنڊ ۾ نا قابل تسخير رهڻ جي عزم کي ساراهيو.