وفاقي گهرو وزير جي شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم جي گهر آمد، فاتحه خواني ڪئي

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي وطن عزيز جي بهادر سپوت شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم جي گهر ويو. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق وفاقي گهرو وزير شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم جي والد ۽ ڀاءُ سان ملاقات ڪئي، دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي گهرو وزير شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيد ڪيپٽن …

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي وطن عزيز جي بهادر سپوت شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم جي گهر ويو. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق وفاقي گهرو وزير شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم جي والد ۽ ڀاءُ سان ملاقات ڪئي، دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي گهرو وزير شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرن جي والد جي بلند حوصلي ۽ جذبي کي ساراهيو. ان موقعي تي شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم جي والد چيو ته منهنجو پٽ حمزه پاڪستان تي قربان ٿيو، ٻيو پٽ به پاڪستان لاءِ حاضر آهي، شهيد حمزه اسانجو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان ناهي ته ڪجهه به ناهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته توهان جهڙي عظيم والد جي حوصلي تي سڄي قوم کي فخر آهي. محسن نقوي چيو ته ڪيپٽن حمزه اڪرم 7 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. هن چيو ته شهيد ڪيپٽن حمزه اڪرم اسان جي دلين ۾ زنده آهي ۽ هميشا زنده رهندو. واضح رهي ته ڪيپٽن حمزه اڪرم هنگو ۾ خوارجين جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيو هو.