اسلام آباد - 20 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آهي، ته حڪومت بجلي جي خريد ۽ وڪري جي موجوده نظام ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ جي پنهنجي پراڻي عزم کي عملي جامو پارائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت بجلي پيدا ڪندڙ ۽ استعمال ڪندڙ وچ ۾ هڪ شفاف طريقيڪار ذريعي سڌي ريت بجلي جي خريد ۽ وڪرو ڪري سگهندا. آچر ڏينهن ميڊيا …
نئين نظام تحت بجلي پيدا ڪندڙ ۽ استعمال ڪندڙ پاڻ ۾ سڌي ريت خريد ۽ وڪرو ڪري سگهندا: سردار اويس احمد لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آهي، ته حڪومت بجلي جي خريد ۽ وڪري جي موجوده نظام ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ جي پنهنجي پراڻي عزم کي عملي جامو پارائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت بجلي پيدا ڪندڙ ۽ استعمال ڪندڙ وچ ۾ هڪ شفاف طريقيڪار ذريعي سڌي ريت بجلي جي خريد ۽ وڪرو ڪري سگهندا. آچر ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ بجلي حڪومت خريد ڪري ٿي ۽ پنهنجي رسد جي نظام ذريعي صارفين تائين پهچائي ٿي جڏهن ته بجلي جي قيمت آءِ پي پيز ۽ واپڊا سميت مختلف معاملن تي گذريل 25 -30 سالن کان سوال اٿندا رهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت گذريل 25 کان 30 سالن کان غور هيٺ هن اداري کي عملي شڪل ڏيڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. نئين نظام تحت حڪومت لاءِ بجلي جي خريداري لازمي نه هوندي ۽بجلي پيدا ڪندڙن ۽ استعمال ڪندڙن جو پاڻ ۾ سڌي ريت رابطي ذريعي بجلي جي خريد ۽ وڪرو ٿي سگهندو. هن چيو ته هن نظام جو پهريون مرحلو صنعتي ۽ وڏن بجلي صارفين لاءِ شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هڪ ميگاواٽ يا ان کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين فائدو حاصل ڪري سگهندا. شفاف ميڪنازم تحت صارفين پنهنجي ضرورت موجب سستي بجلي خريد ڪري سگهندا. هن چيو ته هي نظام مسلسل واڌ اسختيار ڪندو ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ عام صارفين جن ۾ 200 ۽ 400 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين پڻ شامل آهن تائين ان جا فائدو پهچائندا ان جي نتيجي ۾ بجلي جي هڪ مارڪيٽ وجود ۾ ايندي جتي صارفين پنهنجي مرضي سان سستي ترين بجلي خريد ڪري سگهندا. هن چيو ته سستي بجلي سان صنعت کي به فائدو ٿيندو ۽ صنعتي شعبو عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي شين کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارن اگهن ۾ پيش ڪري سگهندو. بجلي جي خرچن ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني شين جي روانگي واپار ۾ به مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته گذريل ٻن سالن دوران حڪومت ان مقصد لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون، اڄ انهن کي عملي جامو پارايو پيوو ڃي. هن چيو ته حڪومت قوم سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.










