واشنگٽن - 20 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جو صدر هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي بعد آمريڪا جو پهريون سرڪاري دورو هلندڙ هفتي شروع ڪري رهيو آهي جنهن دوران هو وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ۽ حساس معاملن تي ڳالهين کان علاوه غير رسمي رابطا به وڌائيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سينئر آمريڪي انتظامي اختيارين گذريل ڏينهن صحاين سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ اربع تي جڏهن …
چين جي صدر پاران آمريڪا جو اهم دورو هلندڙ هفتي شروع ٿيندو، ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ۽ حساس معاملن تي ڳالهيون ڪندو

مزید خبریں
واشنگٽن – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جو صدر هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي بعد آمريڪا جو پهريون سرڪاري دورو هلندڙ هفتي شروع ڪري رهيو آهي جنهن دوران هو وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ۽ حساس معاملن تي ڳالهين کان علاوه غير رسمي رابطا به وڌائيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سينئر آمريڪي انتظامي اختيارين گذريل ڏينهن صحاين سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ اربع تي جڏهن شي جن پنگ جو جهاز واشنگٽن جي حدن ۾ واقع جوائنٽ بيس اينڊ ريوز تي لهندو ته صدر ٽرمپ آجيان لاءِ پاڻ اتي موجود هوندو ۽ چيني هم منصب جي آجيان ڪندو. اها غير معمولي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ عام طور پرڏيهي سربراهن سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪندو. دوري جو اهم ترين مرحلو خميس تي ٿيندو جڏهن ته صدر ٽرمپ ۽ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ آجياڻي واري تقريب ۾ صدر شي جن پنگ ۽ سندس گهر واري پنگ لي يوان جي آجيان ڪندا. صدر ٽرمپ ۽ صدر شي جن پنگ روزگارڊن ۾ فوجي جٿن جو معائنو به ڪندا جنهن کان پوءِ ٻئي اڳواڻ بند ڪمري ۾ ڳالهين لاءِ هليا ويندا. خاتون اول ميلانيا ٽرمپ ۽ پنگ لي يوان ان دوران ڌار ملاقات ڪنديون جڏهن ته ٻنهي جا گهروارا (مڙس) ڳالهين ۾ مصروف هوندا. عملدارن اهو اعتراف ضرور ڪيو آهي ته کين اميد ناهي ته آمريڪا پنهنجي روانگي واپار تي پابندين ۾ اهڙي نرمي لاءِ تيار ٿيندو، جنهن سان ناياب معدنيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ پهچ ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي. اهي معدنيات مصنوعات جي هڪ وسيع رينج ۾ استعمال ٿيندڙ اهم جز آهن. آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ هفتي جي پڄاڻي تي ڌار نيويارڪ ۾ چين جي نائب وزير اعظم هي لفنگ سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ڪيترن ئي اقتصادي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. صدر ٽرمپ مئي ۾ چين جو دورو ڪيو هو ۽ پنهنجي پهرين صدارتي دور ۾ به اتي ويو هو جتي هن شي جن پنگ سان ڳالهيون ڪيون هيون. ان موقعي تي چين جي صدر پنهنجي آمريڪي هم منصب جي تمام شاندار آجيان ڪئي هئي. شي جن پنگ آخري ڀيرو سيپٽمبر 2015ع ۾ آمريڪا جي سرڪاري دوري تي آيو هو جڏهن ته ڊيمو ڪريٽ صدر بارڪ اوباما جي حڪومتي دور ۾ هن آمريڪا جو دورو ڪيو هو.











