باڪو- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ پاڪستان جي سفارتخاني هتي منعقد قومي لباس جي ڏينهن جي تقريب ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. باڪو جي قديم مرڪزي حصي ايچري شهر جي اسٽيٽ هسٽاريڪل آرڪيٽيچرل ريزرو ايڊمنسٽريشن جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل تقريب ۾ پاڪستان جي ثقافتي ورثي ۽ روايتي لباسن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو. باڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل …
باڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران قومي لباس جي ڏينهن جي تقريب ۾ ڀرپور شرڪت

مزید خبریں
باڪو- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ پاڪستان جي سفارتخاني هتي منعقد قومي لباس جي ڏينهن جي تقريب ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. باڪو جي قديم مرڪزي حصي ايچري شهر جي اسٽيٽ هسٽاريڪل آرڪيٽيچرل ريزرو ايڊمنسٽريشن جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل تقريب ۾ پاڪستان جي ثقافتي ورثي ۽ روايتي لباسن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو. باڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان موجب تقريب ۾ پاڪستان جي روايتن ۽ علائقائي لباسن، ٽرڪ آرٽ، زيورن ۽ دستڪاري جي نمونن کي مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن پاران ڀرپور موٽ ملي. تقريب ۾ چين، ڪوريا، عراق، تاجڪستان، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ روس سميت مختلف ملڪن جي سفارتي مشنز پڻ پنهنجا قومي رقص ۽ روايتي لباس پيش ڪيا. تقريب ۾ آذربائيجان جي حڪومتي عهديدارن سميت اهم شخصيتن، فن ۽ ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن، مختلف ملڪن جي سفارتخانن جي عملي ڀرپور طور تي شرڪت ڪئي. پاڪستاني سفارتخاني جي شرڪت پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ويجهڙائپ ۽ تاريخي ثقافتي رابطن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.











