دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. واپڊا مطابق آچر ڏينهن سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 89 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 25 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ ترتيبوار 18 هزار 400 ڪيوسڪ، خير آباد پل وٽ پاڻي جي …

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. واپڊا مطابق آچر ڏينهن سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 89 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 25 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ ترتيبوار 18 هزار 400 ڪيوسڪ، خير آباد پل وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ هڪ لک 11 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 13 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 26 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 07 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي موجوده سطح 1538.22 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.906 ملين ايڪڙ فٽ آهي. منگلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1218.40 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.471 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.، جڏهن ته چشمه جو آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 645.20 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.148 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.