اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم خصوصي رليف اسڪيم تحت سڄي پاڪستان ۾ 100 رپيا في ليٽر رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهمي ڪاميابي سان جاري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسڪيم بابت سڄي ملڪ مان مليل راين جي روشني ۾ هڪ ٻيو اهم فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي هدايتن تي، پنج لٽر کان گهٽ پيٽرول وجهرائيندڙ موٽرسائيڪلن، چنگچي ۽ رڪشائن کي به هڪ ٽوڪن تي هڪ هفتي …
وزيراعظم خصوصي رليف اسڪيم تحت سڄي پاڪستان ۾ 100 رپيا في ليٽر رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهمي ڪاميابي سان جاري
اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم خصوصي رليف اسڪيم تحت سڄي پاڪستان ۾ 100 رپيا في ليٽر رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهمي ڪاميابي سان جاري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسڪيم بابت سڄي ملڪ مان مليل راين جي روشني ۾ هڪ ٻيو اهم فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي هدايتن تي، پنج لٽر کان گهٽ پيٽرول وجهرائيندڙ موٽرسائيڪلن، چنگچي ۽ رڪشائن کي به هڪ ٽوڪن تي هڪ هفتي ۾ 500 رپين جي رعايت ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هفتيوار هڪ ٽوڪن جاري ڪيو ويندو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪل 4 ٽوڪن جاري ڪيا ويندا. اسڪيم تحت 800 سي سي تائين گاڏيون استعمال ڪندڙ پهرين وانگر هر ڏهه ڏينهن ۾ 10 ليٽر پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر رعايت حاصل ڪندا. اهڙي طرح هڪ مهيني ۾ 10 ليٽر جا 3 ٽوڪن جاري ڪرڻ جو سلسلو پڻ هلندو رهندو. وزيراعظم شهباز شريف ان کان اڳ اسڪيم مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي اهل ماڻهن لاءِ رجسٽريشن پيغام کي مڪمل طور تي مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. وزيراعظم فيول رليف اسڪيم ۾ 20 سال پراڻين موٽرسائيڪلن، رڪشائن ۽ چنگچي رڪشائن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي. پهرين جنوري 2006ع کانپوءِ رجسٽرڊ ٿيل سڀئي موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ چنگچي وزيراعظم فيول رليف اسڪيم ۾ رجسٽريشن لاءِ اهل ٿي ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف امدادي اسڪيم جي هر رخ جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اسڪيم مان لاڀ پرائيندڙن جو دائرو وسيع ڪرڻ ۽ رعايت واري پيٽرول جي باعزت ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.











