اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نيپال جي قومي ڏينهن ۽ آئين جي ڏينهن جي موقعي تي نيپال جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، نيپال جي صدر رام چندر پاوڊل جي نالي لکيل پنهنجي خط ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ گڏيل احترام اعتماد …
صدر پاران نيپال جي قومي ڏينهن ۽ آئين جي ڏينهن جي موقعي تي نيپال جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد
اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نيپال جي قومي ڏينهن ۽ آئين جي ڏينهن جي موقعي تي نيپال جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، نيپال جي صدر رام چندر پاوڊل جي نالي لکيل پنهنجي خط ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ گڏيل احترام اعتماد ۽ نيڪ خواهشن تي ٻڌل پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط رشتن سان وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. صدر چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان سان ٻطرفي، سارڪ ۽ ٻين گهڻ طرفي فورمن تي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارا ٿيندا.











