پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ايران جي هم منصب عباس عراقچي سان ڳالهه ٻولهه، تازي علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ڳالهيون ڪيون آهن. ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ عالمي سپلاءِ چينز تي اثرن کي نظر ۾ رکندي توانائي جي بنا رڪاوٽ فراهمي …

اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ڳالهيون ڪيون آهن. ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ عالمي سپلاءِ چينز تي اثرن کي نظر ۾ رکندي توانائي جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ سامونڊي جهازن جي محفوظ ۽ تيز رفتار اچ وڃ جي اهميت تي زور ڀريو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد عمل جوڳو ذريعو آهي. ٻنهي اڳواڻن ويجهي سهڪار برقرار رکڻ ۽ 81هين گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.