حڪومت پاران آءِ ٽي تعليم جي معيار ۾ بهتري، ايڪريڊيٽيشن جي نظام کي موثر بڻائڻ، صنعتي ضرورتن سان هم آهنگ افرادي قوت لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيمه غير منظور ٿيل آءِ ٽي تعليمي ادارن جي مسئلن جي حل، شاگردن کي غير تسليم ٿيل تعليمي پروگرامن ۾ داخلائن کان محفوظ رکڻ ۽ آءِ ٽي گريجوئيٽس کي عالمي کي عالمي معيار جي مهارتن سان ليس ڪرڻ لاءِ هڪ جامع نظام واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت پاران …

اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيمه غير منظور ٿيل آءِ ٽي تعليمي ادارن جي مسئلن جي حل، شاگردن کي غير تسليم ٿيل تعليمي پروگرامن ۾ داخلائن کان محفوظ رکڻ ۽ آءِ ٽي گريجوئيٽس کي عالمي کي عالمي معيار جي مهارتن سان ليس ڪرڻ لاءِ هڪ جامع نظام واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب آ3 ٽي اسڪلز اسيسمينٽ ٽيسٽ ۽ ڪمپيوٽنگ ايجوڪيشن کي ايڪريڊيٽيشن نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي  انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته غير منظور ٿيل ادارن مان تعليم حاصل ڪري نڪتل شاگردن جو تعداد معلوم ڪيو وڃي ۽ مسئلي جي نوعيت ۽ وسعت جو جائزو ورتو وڃي. هن گهربل منظوري کان محروم ادارن ۽ تعليمي پروگرامن ۾ داخلائن جي روڪٿام لاءِ مربوط قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته غير منظور ٿيل تعليمي ادارن جي نشاندهي لاءِ  اثرائتو نظام جوڙيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته داخلائن جي خواهشمند شاگردن کي يونيورسٽين ۽ انهن سان لاڳاپيل ڪاليجن ۽ انفرادي تعليمي پروگرامن جي منظوري بابت مستند معلومات اڳواٽ دستياب هجي. آءِ ٽي اسڪلز اسيسمينٽ ٽيسٽ جو جائزو وٺندي جنهن ۾ 188  تعليمي ادارن جي 33 هزار کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي. سينيٽر احد چيمه اسيسمينٽ نظام کي عالمي معيار ۽ ٽيڪنالاجي جي صنعت جي بدلجندڙ  ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسيسمينٽ جي عمل جي ساک يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب جاچ پڙتال، معيار جي نگراني ۽ اداره جاتي احتساب جو موثر نظام اڻٽر آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڪنهن حتمي فيصلي کان اڳ ان تجويز جي شاگرد ۽ تعليمي ادارن تي امڪاني اثرن جو غور سان جائزو ورتوو ڃي. موجوده ايڪريڊيٽيشن نظام جو جائزو وٺندي وفاقي وزير هائر ايجوڪيشن ڪميشن، نيشنل ڪمپيوٽنگ ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل، آءِ ٽي واري وزارت ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ رابطا ۽ سهڪار وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن هدايت ڪئي ته صوبائي اعليٰ تعليمي ادارن کي به ان عمل ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل صوبائي  تعليم بابت سيڪريٽريز سان مشاورت ذريعي ادارن جي منظوري ۽ تعليمي معيار جي نگراني لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي. سينيٽر احد چيمه منظور ٿيل ۽ غير منظور ٿيل تعليمي ادارن بابت عوامي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن هدايت ڪئي ته موجوده آگاهي مهمن جي موثر هجڻ، سوشل ميڊيا تي انهن جي پهچ ۽ عوامي دلچسپي جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن اهو معلوم ٿي سگهي ته ڇا داخلائن جي خواهشمند شاگردن تائين ضروري معلومات پهچي رهي آهي يا نه. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ايڪريڊيٽيشن بابت مسئلن، تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي، اسيسمينٽ جي معيار، شاگردن جي آگاهي ۽ تجويز ڪيل سڌارن وارن قدمن تي ٻڌل جامع فالو اپ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد اختر، تعليم واري وفاقي سيڪريٽري، آءِ ٽي واري وزارت جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.