اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون آپريشن رد الفتنه 3 تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق بلوچستان جي ضلعن پنجگور ۽ چاغي ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي 11 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پنجگور جي علائقي گوارگو ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته پنجگور ۾ فتنه الهندستان جي مارجي ويل دهشتگردن …
سيڪيورٽي فورسز جون آپريشن ردالفتنه 3 تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون آپريشن رد الفتنه 3 تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق بلوچستان جي ضلعن پنجگور ۽ چاغي ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي 11 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پنجگور جي علائقي گوارگو ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته پنجگور ۾ فتنه الهندستان جي مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز چاغي جي علائقي امين آباد ۽ سياه چنگ ۾ دهشتگردن جي خلاف اثرائتيون ڪارروائيون ڪيون، امين آباد ۽ سياه چنگ ۾ آپريشنز دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته انهن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن خلاف ڪارروائيون بدستور جاري آهن جيڪي آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهنديون.










