وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪوهاٽ پوليس لائين مسجد ڌماڪي ۾ ملوث سمورن خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪوهاٽ پوليس لائين مسجد ڌماڪي ۾ ملوث سمورن خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي 7 خوارجين کي عبرتناڪ انجام تي پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سمورن بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن ڪوهاٽ …

اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪوهاٽ پوليس لائين مسجد ڌماڪي ۾ ملوث سمورن خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي 7 خوارجين کي عبرتناڪ انجام تي پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سمورن بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن ڪوهاٽ ڌماڪي جي شهيدن کي قوم جو سلام پيش ڪندي چيو ته شهيدن جان قربان ڪري فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.