اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (نيوٽيڪ) وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت 10 مختلف شعبن ۾ مفت ٽريننگ ڪورسز لاءِ تربيتي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيوٽيڪ مطابق انهن ادارن جي ڪورسز جي سرٽيفيڪيٽس جو عالمي سطح تي تسليم هجڻ لازمي آهي. پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٽيڪنيڪل ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، يونيورسٽيون، اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ان جي اهل …
وزيراعظم يوٿ پروگرام: نيوٽيڪ جو 10 مختلف شعبن ۾ مفت ٽريننگ ڪورسز لاءِ تربيتي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (نيوٽيڪ) وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت 10 مختلف شعبن ۾ مفت ٽريننگ ڪورسز لاءِ تربيتي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيوٽيڪ مطابق انهن ادارن جي ڪورسز جي سرٽيفيڪيٽس جو عالمي سطح تي تسليم هجڻ لازمي آهي. پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٽيڪنيڪل ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، يونيورسٽيون، اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ان جي اهل هوندا. جن شعبن ۾ اها ٽريننگ ڏني ويندي انهن ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، الائيڊ سروسز سيڪٽر، ڪنسٽرڪشن، اليڪٽريڪل ۽ انرجي سيڪٽر، ڊرائيونگ، هاسپيٽيليٽي اينڊ ٽوارزم سيڪٽر، مينيوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪسٽائل سيڪٽر، مائننگ ۽ منرلز سيڪٽر، لينگوچز سيڪٽر، گرين انرجي سيڪٽر شامل آهن. ان سلسلي ۾ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 12 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي.











