پاڪستان پاران جديد ٽيڪنالاجي سان ليس انساني بنيادن تي گڏيل قومن جي امن مشننگ جو مطالبو

گڏيل قومون - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان  گڏيل قومن جي امن مشنز کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي، ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان امن مشنز جي مينڊيٽ کي جديد، اهلڪارن جي سلامتي کي بهتر ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪيو وڃي، جڏهن ته زميني سطح تي انساني موجودگي کي گهٽ نه ٿيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ امن مشنز بابت بحث ۾ …

گڏيل قومون – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان  گڏيل قومن جي امن مشنز کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي، ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان امن مشنز جي مينڊيٽ کي جديد، اهلڪارن جي سلامتي کي بهتر ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪيو وڃي، جڏهن ته زميني سطح تي انساني موجودگي کي گهٽ نه ٿيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ امن مشنز بابت بحث ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته امن جٿا وڌندڙ پيچيدگين ۽ خطرناڪ حالتن  ۾ وسيع زميواريون انجام ڏئي رهيا آهن.  جڏهن ته  وسيلن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته گڏيل قومنج ي اهم سرگرمي امن مشننگ لاءِ سياسي حمايت، عمل جوڳي مينڊيٽ، پائيدار وسيلن، مناسب صلاحيتن، ميزبان رياست جي سهڪار ۽ عالمي برادري جي مستقل عزم جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ڇهه ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ سڀ کان وڌيڪ فوجي جٿا فراهم ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن وقت تائين 170000  کان وڌيڪ پاڪستاني گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪا آهن جن مان 183 اهلڪارن امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ ڀارت بابت ملٽري آبزرور گروپ   جي ميزباني به ڪري رهيو آهي جنهن جو مينڊيٽ ڄمون ڪشمير ۾ جنگ بندي جي نگراني ڪرڻ آهي. هن زور ڀريو ته امن مشنز جي مينڊيٽ کي محدود ڪرڻ جو مطلب امن مشننگ کي گهٽائڻ نه پر ان کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ هجڻ گهرجي. مالي حدون طئي ڪري مشن کي انهن حدن ۾ محدود ڪرڻ بدران ضرورتن مطابق وسيلا فراهم ڪرڻ گهرجن.