ريلوي واري وفاقي وزير پاران هنگو ۽ اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين  پيش

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي هنگو ۽ اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ڪارروائي دوران 10 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيندي چيو ته  سيڪيورٽي فورسز جا جوان قوم جو فخر ۽ پاڪستان جا حقيقي محافظ آهن. هن دهشتگردي خلاف …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي هنگو ۽ اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ڪارروائي دوران 10 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيندي چيو ته  سيڪيورٽي فورسز جا جوان قوم جو فخر ۽ پاڪستان جا حقيقي محافظ آهن. هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ 6 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته وطن  جي دفاع ۽ امن ۽ سلامتي لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيد اسان جا اصل هيروز آهن ۽ سندن قربانيون ڪڏهن به ضايع نه وينديون.  هن شهيدن جي عظيم مائرن کي سلام پيش ڪندي چيو ته جيڪي مائرون پنهنجي جوان پٽن کي وطن تان قربان ٿيڻ لاءِ محاذ تي موڪلين ٿيون انهن جي قربانين تي پوري قوم کي فخر آهي.