سپريم ڪورٽ پاران عالمي سطح تي عدالتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي زور، جسٽس ميان گل حسن  اورنگزيب جي سيئول ڪانفرنس ۾ شرڪت

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي سپريم ڪورٽ وچ ۾ ٻه طرفه عدالتي سهڪار لاءِ مفاهمتي يادداشت تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي. تجويز ٿيل ياداشت تحت عدالتي مٽاسٽا، اداره جاتي سهڪار، مهارت ۽ بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا ۽ سگهه  ۾ اضافي لاءِ تعاون جو فريم ورڪ واضح ڪيو ويندو.  سپريم ڪورٽ پاران جاري پريس پڌرائي موجب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي سپريم ڪورٽ وچ ۾ ٻه طرفه عدالتي سهڪار لاءِ مفاهمتي يادداشت تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي. تجويز ٿيل ياداشت تحت عدالتي مٽاسٽا، اداره جاتي سهڪار، مهارت ۽ بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا ۽ سگهه  ۾ اضافي لاءِ تعاون جو فريم ورڪ واضح ڪيو ويندو.  سپريم ڪورٽ پاران جاري پريس پڌرائي موجب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جمهوريه ڪوريا جي شهر سيئول ۾ ايشيا  ۽ ماٺي سمنڊ جي چيف جسٽسز جي 20هين ڪانفرنس ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ڪانفرنس ۾ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي مان اعليٰ عدالتي قيادت شرڪت ڪئي ۽ عدليه جي بدلجندڙ ڪردار، انصاف جي فراهمي ۾  چئلينجز، عدالتي تعليم ۽ انصاف واري شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سميت مختلف  معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ڪانفرنس جي موقعي تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب  ترڪيه، آذربائيجان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ جمهوريه ڪوريا جي اعليٰ عدالتي قيادت سان ٻه طرفه ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ عدالتي تعاون، اداره جاتي مٽاسٽا، سگهه ۾ اضافي ۽ جديد عدالتي انتظام جي تجربن مان فائدو کڻڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي ايندڙ جمهوريه ڪوريا جي دوري دوران صحيحين جو امڪان آهي. پاڪستان جو جمهوريه ڪوريا لاءِ سفير  به ٻه طرفين ملاقاتن دوران موجود هو ۽ پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ اداره جاتي ۽ عدالتي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. سپريم ڪورٽ موجب ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ ٻه طرفيون ملاقاتون عالمي عدالتي تعاون کي هٿي ڏيڻ، اداره جاتي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ سڄي دنيا جي عدليه سان اسٽريٽجڪ شراڪتداري قائم ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهن.