اسلام آباد _18 سيٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوراج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته فتنه الخوراج خلاف ڪامياب ڪارروايون سيڪيورٽي فورسز جي قومي عزم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي ترجماني آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر دهشتگردن خلاف ڪاررواين دوران شهيد …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران فتنه الخوراج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد _18 سيٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوراج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته فتنه الخوراج خلاف ڪامياب ڪارروايون سيڪيورٽي فورسز جي قومي عزم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي ترجماني آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر دهشتگردن خلاف ڪاررواين دوران شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيو ڏنيون آهن . وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ حياتين جو نظرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن . شهيدن جون قربانيون دهشتگردي خلاف قومي عزم ۽ حوصلي کي هٿي ڏين ٿيون . سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ حياتين جو نظرانو پيش ڪري رهيا آهن . پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي . قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شهيدن جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.












