فري لانس جي قومي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران 44 سيڪڙو کان وڌيڪ جو نمايان اضافو ٿيو آهي : ايس بي پي

اسلام آباد _18 سيپٽمبر (اي پي پي ) انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ فري لانس جي قومي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران 44 سيڪڙو کان وڌيڪ جو نمايان اضافو ٿيو آهي . اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي ) جي انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2026 ع دوران فري لانس جي روانگي واپار مان 352 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو …

اسلام آباد _18 سيپٽمبر (اي پي پي ) انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ فري لانس جي قومي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران 44 سيڪڙو کان وڌيڪ جو نمايان اضافو ٿيو آهي . اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي ) جي انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2026 ع دوران فري لانس جي روانگي واپار مان 352 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو هو . اهڙي طرح گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن دوران فري لانس جي روانگي واپار ۾ 108 ملين ڊالرن يعني 44.26 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ايس بي پي مطابق جولاءِ ۽ آگسٽ 2026ع ۾ فري لانس جي آءِ ٽي سان لاڳاپيل روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 213 ملين ڊالرن ۽ غير آءِ ٽي جي خدمتن جي روانگي واپار مان 139 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمايو ويو  آهي . پاڪستان فري لانس ايسو سي ايشن ( پي اي ايف ايل اي ) جي ابراهيم عاصم ان حوالي سان ٻڌايو ته فري لانسنگ جي عالمي فورمز تي پاڪستاني فري لانس جي موجودگي مستحڪم ٿي رهي آهي  جنهن سبب روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي . هن چيو ته پاڪستان فري لانس سکڻ جون صلاحيتون رکندڙ ملڪ آهي . هن چيو ته نوجوانن جي تربيت کي هٿي ڏيڻ سان فري لانسرز جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ٿيندي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي سان گڏ قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ڪرڻ ۾ پڻ اضافو ٿيندو ۽ قومي معاشي هدف جي تڪميل ۾ مدد ملندي.