ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد _18 سيٽمبر (اي پي پي) واپڊا  ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن . واپڊا مطابق جمعي ڏينهن سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 8 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک35 هزار ڪيوسڪ ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ ترتيبوار 19 هزار 400 ڪيوسڪ ، خير آباد پل …

اسلام آباد _18 سيٽمبر (اي پي پي) واپڊا  ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن . واپڊا مطابق جمعي ڏينهن سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 8 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک35 هزار ڪيوسڪ ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ ترتيبوار 19 هزار 400 ڪيوسڪ ، خير آباد پل وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ هڪ لک 26 هزار 800 ڪيوسڪ ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 20 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 47 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 19 هزار 300 ڪيوسڪ آهي . تفصيل مطابق جناح بئراج وٽ  پاڻي جي آمد هڪ لک 73 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 65 هزار 100 ڪيوسڪ ، چشمه وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 78 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 62 هزار ڪيوسڪ ، تونسه وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 53 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 32 هزار 800 ڪيوسڪ جڏهن ته گڊو وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 33 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 6 هزار 500 ڪيوسڪ جڏهن ته سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 95 هزار800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 هزار ڪيوسڪ آهي . ان کان علاوه جمعي ڏينهن ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 65 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 27 هزار 800 ڪيوسڪ جڏهن ته تريمون وٽ پاڻي جي آمد 20 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ پنجند وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.