ميڪسيڪو سٽي- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽاپ سيڊڊ يوڪرين جي ٽينس اسٽار مارٽا ڪوسٽيوف ڊبليو ٽي اي گواڊا لاجارا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ۾ هارائي ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 27 سالن جي روس جي ٽينس اسٽار ليوڊ ميلاسيمسونوا وومينز سنگلز ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ ٽاپ سيڊڊ يوڪرين ٽينس اسٽار مارٽا ڪوسٽيوف کي 1-2 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ …
ٽاپ سيڊڊ مارٽا ڪوسٽيوف جو ٽي اي گواڊا لاجارا اوپن ٽينس وومينز سنگلز ڪوارٽر فائنل ۾ سفر پڄاڻي تي پهتو
ميڪسيڪو سٽي- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽاپ سيڊڊ يوڪرين جي ٽينس اسٽار مارٽا ڪوسٽيوف ڊبليو ٽي اي گواڊا لاجارا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ۾ هارائي ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 27 سالن جي روس جي ٽينس اسٽار ليوڊ ميلاسيمسونوا وومينز سنگلز ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ ٽاپ سيڊڊ يوڪرين ٽينس اسٽار مارٽا ڪوسٽيوف کي 1-2 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ڊبليو ٽي اي جي انتظام هيٺ گواڊا لاراجا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ميڪسيڪو ۾ جاري آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پين آمريڪن ٽينس سينٽر، ميڪسيڪو ۾ کيڏيل گواڊا لاجارا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٽيپ ايٽ ميچ ۾ 27 سالن جي روسي رانديگرياڻي ليوڊ ميلاسيمسونوا شاندار راند پيش ڪندي ٽاپ سيڊڊ يوڪرين جي ٽينس اسٽار مارٽا ڪوسٽيوف کي 6-4، 2-6 ۽ 5-7 تان هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.












