واشنگٽن-18 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست مشي گن ۾ ايف - 16 جنگي جهاز ڪري پوڻ سبب تباهه ٿي ويو جڏهن ته پائلٽ محفوظ طريقي سان پاڻ ٻاهر نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ ان علائق ۾ آسمان تي دونهون ٿي ويو جڏهن ته پوليس پاران ملبي مان خطرناڪ ڪيميڪلز جي نڪرڻ جي اطلاع کان پوءِ ويجهي رهائشين کي عارضي طور تي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. فائٽر ونگ ٻڌايو ته پائلٽ کي مقامي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي …
آمريڪا ۾ ايف – 16 جنگي جهاز ڪري تباهه، پائلٽ هيٺ لهڻ ۾ ڪامياب
واشنگٽن-18 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست مشي گن ۾ ايف – 16 جنگي جهاز ڪري پوڻ سبب تباهه ٿي ويو جڏهن ته پائلٽ محفوظ طريقي سان پاڻ ٻاهر نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ ان علائق ۾ آسمان تي دونهون ٿي ويو جڏهن ته پوليس پاران ملبي مان خطرناڪ ڪيميڪلز جي نڪرڻ جي اطلاع کان پوءِ ويجهي رهائشين کي عارضي طور تي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. فائٽر ونگ ٻڌايو ته پائلٽ کي مقامي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پائلٽ جي سڃاڻپ يا ڪنهن به قسم جي زخمن بابت تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا. جهاز الپينا ۾ نيشنل گارڊ جي هڪ هوائي اڏي تي تربيتي مشقن ۾ حصو وٺي رهيو هو.












