“پيرا” ڊجيٽل سروسز جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي، هي قدم ڊجيٽل گورننس، شفافيت، ڪاروبار ۽ اداره جاتي معاملن ۾ آساني پيدا ڪندو

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگوليٽري اٿارٽي (ICT-PEIRA) ”پيرا“ ڊجيٽل سروسز جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي، جيڪا وفاقي گادي واري شهر جي نجي تعليمي شعبي ۾ پيپر ليس ريگوليشن، شفافيت ۽ اداره جاتي ڪارڪردگي ۽ عوامي سهولتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. افتتاحي تقريب فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن اسلام آباد جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي. تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگوليٽري اٿارٽي (ICT-PEIRA) ”پيرا“ ڊجيٽل سروسز جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي، جيڪا وفاقي گادي واري شهر جي نجي تعليمي شعبي ۾ پيپر ليس ريگوليشن، شفافيت ۽ اداره جاتي ڪارڪردگي ۽ عوامي سهولتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. افتتاحي تقريب فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن اسلام آباد جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي. تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي تقريب ۾ خاص مهمان طور خصوصي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن، تعليمي ماهرن، نجي تعليمي ادارن جي نمائندن ۽ اسلام آباد سان تعلق رکندڙ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پيرا جي طرفان جامع ڊجيٽل خدمتن جي شروعات کي ساراهيو ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ريگوليٽري نظام کي وڌيڪ شفاف، قابل رسائي ۽ عوام دوست بڻائڻ تي اٿارٽي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

وفاقي وزير چيو ته شفافيت بهترين حڪمراني ۽ جمهوريت جو بنيادي بنياد آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ادارن ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ عوامي اعتماد کي هٿي ڏيڻ جوموثر ذريعو آهي. هن چيو ته آن لائن رجسٽريشن ۽ تجديد، اي لائسنسنگ، شڪايت جي ازالي، سندن جي تصديق ۽ مائيگريشن جهڙيون آن لائن سهولتون هاڻي رڳو هڪ آپشن نه پر جديد ريگوليٽري نظام جون اڻٽر ضرورتون آهن. شهرين ۽ تعليمي ادارن کي ضروري سرڪاري خدمتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ غير ضروري ڪاغذي ڪارروائي، دير ۽ آفيس جا بار بار چڪر لڳائڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي. ان موقعي تي پيرا جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي ملاح پيرا جي سڌاراتي ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ايجنڊا جي تڪميل ۾ مسلسل رهنمائي، ڀرپور تعاون ۽ حوصلا افزائي تي وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جو ٿورو مڃيو. ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته جديد دور ۾ ريگوليٽر جو ڪردار صرف قانونن جي لاڳو تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر ان کي سهولتڪار جو ڪردار به ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ”ريگوليٽرز کي فسيليٽيٽرز به هجڻ گهرجي، اسان جي ذميواري آهي ته تعليمي ادارن کي سهولت فراهم ڪريون ۽ ان سان گڏ معياري تعليم، اداره جاتي جوابدهي ۽ حڪومتي پاليسين تي موثر عملدرآمد کي به يقيني بڻايون. ”پيرا ڊجيٽل سروسز“ جي شروعات ڊجيٽل گورننس، شفافيت، ڪاروبار ۽ اداره جاتي معاملن ۾ آساني، تعليمي معيار جي ضمانت ۽ شهرين تي ٻڌل عوامي خدمتن لاءِ اٿارٽي جي وسيع تر عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هي قدم ٽيڪنالاجي ذريعي سرڪاري ادارن کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ عوام لاءِ حڪومتي خدمتن کي وڌيڪ آسان ۽ پهچ جوڳو بڻائڻ جي حڪومتي ويزن سان به هم آهنگ آهي.