پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ضروري آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو تسلسل، عوامي سطح تي رابطن جو فروغ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ضروري آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار چين …

اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو تسلسل، عوامي سطح تي رابطن جو فروغ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ضروري آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار چين لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر سيد علي اسد گيلاني سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هو. صدر چيو ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سڀ کان اهم رخ آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط سياسي خير سگالي کي وڌيڪ اقتصادي ۽ صنعتي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر سي پيڪ 2.0 تحت ڪاروبار کان ڪاروبار تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي آجيان ۽ خاص طور تي نوجوانن لاءِ هنرمندي جي فروغ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان جديد زراعت، مصنوعي ذهانت ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. هن نامزد سفير کي چين جي سرڪاري ادارن، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي قيادت، ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا سان فعال رابطا برقرار رکڻ ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جنهن ۾ شاگردن جي مٽاسٽا به شامل آهي. هن جو چوڻ هو ته هو ايندڙ سال ايس سي او سربراهي اجلاس جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهن.

مزید خبریں