اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برسات دوران رستن ۽ پلن تي ٽرئفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ امدادي سامان پهچائڻ جي حوالي سان لاڳاپيل کاتن سان رابطا وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ليفٽيننٽ …
وزيراعظم پاران برسات دوران رستن ۽ پلن تي ٽرئفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ امدادي سامان پهچائڻ جي حوالي سان لاڳاپيل کاتن سان رابطا وڌائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برسات دوران رستن ۽ پلن تي ٽرئفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ امدادي سامان پهچائڻ جي حوالي سان لاڳاپيل کاتن سان رابطا وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ وزيراعظم کي تازي سانوڻي جي موسم ۾ تيز برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برسات کان متاثر علائقن ۾ عوام کي هر ممڪن امداد ۽ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمُورا دستياب وسيلا ڪتب آندا وڃن. وزيراعظم برسات دوران رستن ۽ پلن تي ٽرئفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ امدادي سامان پهچائڻ جي حوالي سان لاڳاپيل کاتن سان رابطا وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي لاڳاپيل صوبائي ادارن ۽ پي ڊي ايم ايز سان موثر رابطا رکڻ جي به هدايت ڪئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته وزيراعظم جي هدايت ڪيل اڳواٽ انتظامن جي ڪري، لاڳاپيل ادارا هن سانوڻي جي موسم جي موثر قدمن سان بهتر انداز ۾ نگراني ڪنداسين. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي جاري سانوڻي جي موسم جي امڪاني رجحان، صوبن ۽ ادارن جي گڏيل تعاون سان جاري مجموعي انتظامن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي ڪنڊڪُڙڇ ۾ ڪنهن به هنگامي موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمُورا لاڳاپيل ادارا ريسڪيو ۽ رليف لاءِ تيار آهن.










