نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي لاءِ نامزد اميدوار سفير رافيل گروسي جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي لاءِ نامزد اميدوار سفير رافيل گروسي خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڇڪتاڻ …

اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي لاءِ نامزد اميدوار سفير رافيل گروسي خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي عمل درآمد بهترين طريقو آهي. رافيل گروسي ضرورت پوڻ تي ان سلسلي ۾ فني مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن کي اڳتي وڌائڻ ۽ عالمي قانونن ۽ معاهدن جو احترام ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم کي ورجايو ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي ايجنڊا کي حاصل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي نظام جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ سندس مهم ۾ رافيل گروسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں