اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواه جي ترقي ۽ صوبي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري رکندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، امن امان …
وفاقي حڪومت خيبرپختونخواه جي ترقي ۽ صوبي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري رکندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواه جي ترقي ۽ صوبي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري رکندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، امن امان ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواه جي ترقي ۽ صوبي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري رکندي. مُلاقات ۾ وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي به زور ڏنو ويو. مُلاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن جو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.










