صدر آصف علي زرداري پاران عوام کي درپيش پراڻي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جمهوريت لازمي قرار

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عوام کي درپيش پراڻي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جمهوريت کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جي اصل طاقت عوام جي اعتماد ۽ شرڪت ۾ آهي، هڪ پرامن، جامع، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ مضبوط جمهوري ادارا ضروري آهن. 15 سيپٽمبر تي ملهائجندڙ جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام …

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عوام کي درپيش پراڻي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جمهوريت کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جي اصل طاقت عوام جي اعتماد ۽ شرڪت ۾ آهي، هڪ پرامن، جامع، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ مضبوط جمهوري ادارا ضروري آهن. 15 سيپٽمبر تي ملهائجندڙ جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان انهن اصولن جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪي جمهوري طرز حڪمراني ۽ پاڪستان جي آئيني نظام کي سگهه ڏين ٿا جن ۾ عوام جي خودمختياري ۽ راءِ، برابري، آزادي، انساني وقار، انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ اختلاف راءِ ۽ اقليتي موقف جو احترام شامل آهي. هن چيو ته جمهوريت شهرين کي انهن فيصلن ۾ بامعنى آواز ڏي ٿي جيڪي انهن جي زندگين جي جوڙجڪ ڪن ٿا ۽ عوامي اختيار استعمال ڪندڙن کي عوام آڏو جوابده بڻائين ٿا. صدر چيو ته جمهوريت جو مطلب اڪثريت جي بي لغام حڪمراني نه آهي، هڪ حقيقي جمهوريت جي لاءِ ضروري آهي ته اڪثريت اقليتن جي جائز حقن ۽ آواز کي ٻڌي، انهن جو احترام ڪري ۽ انهن جي لاءِ مناسب گنجائش پيدا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ جمهوريت اسان جي عوام کي درپيش پراڻي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ لازمي آهي، نمائندا ادارا، جوابده حڪومت ۽ قانون جي حڪمراني عوامي پاليسي کي ماڻهن جي ضرورت کي وڌيڪ موثر طريقي سان پورو ڪرڻ، ضروري خدمتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ، اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ ۽ سڀني جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿا، ان جي لاءِ هڪ پرامن، جامع، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ مضبوط جمهوري ادارا ضروري آهن. صدر چيو ته پاڪستان جو جمهوري سفر سياسي اڳواڻن، پارٽين، ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ شهرين جي همت، سگهه ۽ قربانين سان عبارت آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تاريخي قيادت ۾ پاڪستان 1973ع جي آئين جي متفقه منظوري جي ذريعي هڪ فيصلائتو جمهوري سنگ ميل حاصل ڪيو. ان اسان جو وفاقي پارلياماني نظام قائم ڪيو، بنيادي حقن جي ضمانت ڏني ۽ صوبائي خودمختياري جي لاءِ آئيني ڍانچو فراهم ڪيو، اهو بدستور اسان جي جمهوري نظام جو بنياد آهي ۽ اهو ٻنڌڻ آهي جيڪو وفاق کي گڏ رکي ٿو. هن چيو ته شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو شهيد ان جدوجهد کي غيرمعمولي جرئت سان اڳتي وڌايو ۽ آخرڪار جمهرويت جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. صدر انهن سمورن سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جن ظلم ۽ ڏاڍ کي برداشت ڪيو ۽ آئين ۽ عوام جي پاڻ تي حق حڪمراني جي دفاع ۾ قربانيون ڏنيون. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اچو اسان ان ڏينهن آئين جي بالادستي، بنيادي حقن جي تحفظ، پارليامينٽ ۽ ٻين جمهوري ادارن جي استحڪام، ڀائيچاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ ۽ قومي زندگي ۾ عورتن، نوجوانن ۽ اقليتن جي بامعنى شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن چيو ته جمهوريت جي اصل طاقت عوام جي اعتماد ۽ شرڪت ۾ آهي، اڄ جو اقليتي موقف آهي ته اها سڀاڻي اڪثريت جي راءِ بڻجي سگهي ٿي، انهي لاءِ هر موقف کي ٻڌڻ ۽ ان جو احترام ڪرڻ گهرجي، جمهوريت ۾ گوڙ ۽ هنگامو ٿي سگهي ٿو پر انساني تاريخ ان ان کان بهتر نظام حڪومت پيدا نه ڪيو، خاموشي رڳو قبرستانن ۾ هوندي آهي، هڪ زندهه معاشري کي بحث، اختلاف ۽ پرامن عدم اتفاق جي لاءِ ڪشادو رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته عوام جي مرضي سياسي اختيار جو حتمي سرچشمو ۽ اسان جي نظام حڪومت جي رهنمائي ڪندڙ بنيادي قوت بڻيل رهي.

مزید خبریں