اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريت جي بنيادي قدرن، برابري، انصاف ۽ آزادي جي فروغ، عوامي راءِ جي احترام، انساني وقار جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي سان وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته موجوده دور جي چئلينجز جو موثر طور تي مقابلو ڪرڻ ۽ هڪ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان عوامي ڀلائي جي ضامن بنيادي …
موجوده دور جي چئلينجز جو موثر طور تي مقابلو ڪرڻ ۽ هڪ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بنيادي جمهوري قدرن کي اختيار ڪرڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريت جي بنيادي قدرن، برابري، انصاف ۽ آزادي جي فروغ، عوامي راءِ جي احترام، انساني وقار جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي سان وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته موجوده دور جي چئلينجز جو موثر طور تي مقابلو ڪرڻ ۽ هڪ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان عوامي ڀلائي جي ضامن بنيادي جمهوري قدرن کي اختيار ڪريون، وچن ڪريون ته اسان بهترين پارلياماني روايتن سان هم آهنگ جمهوري قدرن جي فروغ، شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ جي لاءِ هڪ خوشحال مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏيل سفر جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي جمهوريت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيو آهي. هي ڏينهن جمهوريت جي بنيادي قدرن، برابري، انصاف ۽ آزادي جو فروغ، عوامي راءِ جو احترام، انساني وقار جو تحفظ ۽ قانون جي بالادستي سان وابستگي جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جمهوري نظام حڪومت ۾ اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي عوامي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. پارليامينٽ ملڪ جو مرڪزي جمهوري ادارو آهي جيڪو عوام جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين رياست ۽ شهرين جي وچ ۾ تعلق کي قانوني شڪل ۾ بيان ڪري ٿو. آئين جو آرٽيڪل 25 هر شهري جي برابر حقن ۽ قانون جي نظر ۾ برابري جي ضمانت فراهم ڪري ٿو. قومي سطح تي پاڪستان جو آئين وفاق جي سمورين ڌُرين، قومي ادارن جي باوقار مقام ۽ نظم ۽ ضبط جو تعين ڪري ٿو، پاڪستان جو وفاقي پارلياماني جمهوري نظام، عوامي مفاد ۽ اسلامي بنياد موجب قانونسازي جو اختيار ڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته موجوده دور جي بدلجندڙ گهرجن جي ڏس ۾ عوامي امنگن ۽ عوامي ضرورتن موجب قانون جوڙڻ پارليامينٽ جي فرضن ۾ شامل آهي، موجوده دور جي چئلينجز جو موثر طور تي مقابلو ڪرڻ ۽ هڪ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان عوامي ڀلائي جي ضامن بنيادي جمهوري قدرن کي اختيار ڪريون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين قومي زندگي جي سمورن شعبن ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ جو واضح عزم جو اظهار ڪري ٿو. وفاقي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص سيٽون عورتن جي موثر نمائندگي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، رياست اقليتن جي حقن ۽ فرضن ۽ مفادن جي تحفظ جي پابند آهي. وفاقي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ غيرمسلم اقليتن جي لاءِ پڻ مخصوص سيٽون رکيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان پنهنجي عالمي ذميوارين جو ادراڪ رکي ٿو ۽ جمهوري اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. گڏيل قومن جي مقرر ڪيل پائيدار ترقي جي هدفن بشمول جمهوريت جو فروغ، امن ۽ انصاف ۽ مضبوط ادارن جي قيام جي لاءِ پاڪستان ٺوس ڪوششون ڪري رهيو آهي، اچو اڄ جي ڏينهن وچن ڪريون ته اسان بهترين پارلياماني روايتن سان هم آهنگ جمهوري قدرن جي فروغ، شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ جي لاءِ هڪ خوشحال مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏيل سفر جاري رکنداسين.










