اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انڊونيشين بحريه جي سربراهه ايڊمرل ڊاڪٽر محمد علي کي ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو آهي. کيس اهو اعزاز سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ ڏنو ويو. تقريب ۾ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، سينيٽر سليم …
صدر آصف علي زرداري پاران انڊونيشيا جي بحريه جي سربراهه کي نشان امتياز (ملٽري) عطا

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انڊونيشين بحريه جي سربراهه ايڊمرل ڊاڪٽر محمد علي کي ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو آهي. کيس اهو اعزاز سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ ڏنو ويو. تقريب ۾ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، سينيٽر سليم مانڊوي والا، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سفارتي برادري جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايڊمرل ڊاڪٽر محمد علي صدر سان ملاقات پڻ ڪئي جنهن کيس اهو اعلى اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ پائيدار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بليو اڪانومي ۽ سامونڊي شعبي جي گڏيل ترقي ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي جنهن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت اهي. هن پاڪستان نيوي پاران منعقد مشقن ۾ انڊونيشيا جي بحريه جي باقاعده شرڪت کي ساراهيو. انڊونيشيا جو سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) چندر ڊبليو سوڪوتجو ايڊمرل ڊاڪٽر محمد علي سان گڏ هو.










