اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر عزيز ڀٽي شهيد، نشان حيدر جي شهادت جي ڏهاڙي تي کيس دلي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته وطن جي مٽيءَ گواهه آهي ته ان جا بهادر فرزند ان جي تقدس ۽ دفاع جي لاءِ جان هٿيلي تي رکن ٿا، ملڪي تحفظ ۽ دفاع جو اڻٿڪ پختو عزم اسان جي رڳن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ميجر عزيز ڀٽي شهيد، نشان حيدر جي شهادت جي ڏهاڙي تي کيس دلي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر عزيز ڀٽي شهيد، نشان حيدر جي شهادت جي ڏهاڙي تي کيس دلي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته وطن جي مٽيءَ گواهه آهي ته ان جا بهادر فرزند ان جي تقدس ۽ دفاع جي لاءِ جان هٿيلي تي رکن ٿا، ملڪي تحفظ ۽ دفاع جو اڻٿڪ پختو عزم اسان جي رڳن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي 61هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ميجر عزيز ڀٽي شهيد، نشان حيدر جي شهادت جي ڏهاڙي تي پوري قوم کيس دلي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته وطن جي دفاع جي تاريخ ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي قرباني بهادري ۽ جرئتمندي جو روشن داستان آهي، 1965ع جي جنگ ۾ بهادري سان پنهنجي قيمتي جان ملڪ تي نڇاور ڪئي، جنگ دوران لاهور برڪي سيڪٽر تي ميجر عزيز ڀٽي دشمن آڏو شيهي جي ديوار وانگر بڻيل رهيو ۽ 12 سيپٽمبر 1965ع تي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم سمورن شهيدن خاص طور تي ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي حب الوطني جي جذبي کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته شهيدن جو نالو انهن جي قرباني وانگر وطن سان بي لوث محبت جو استعارو آهي، ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي وطن جي لاءِ عظيم قرباني اسان جو قومي اثاثو آهي. وزيراعظم چيو ته وطن جي مٽيءَ گواهه آهي ته ان جا بهادر فرزند ان جي تقدس ۽ دفاع جي لاءِ جان هٿيلي تي رکن ٿا، ملڪي تحفظ ۽ دفاع جو اڻٿڪ پختو عزم اسان جي رڳن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي بي مثال قرباني ۽ شجاعت قومي فخر جي علامت آهي ۽ نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي، الله تعالى شهيد جا درجا بلند فرمائي.










